08/10/2025
جاگيرداري نظام، ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڊيمن، ڪئنالن ۽ زرعي جنسون ٻاهرين ملڪن مان گهرائڻ خلاف سنڌي هاري تحريڪ طرفان گل سينٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا اولڊ ڪيمپڪس، حيدر چوڪ ۽ گول بلڊنگ کان ٿيندي حدرآباد پريس ڪلب پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري درياءَ خان زئور، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر خالق گندرو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ماروي سنڌو، سڀاني ڏاهري، حسنه راهوجو، ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجي، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ رياض پيچوهو، انور رند، علي نواز ڏاهري ۽ علي نواز عالماڻي ڪئي.