TIME News Seerani

TIME News Seerani روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز

10/14/2025
10/06/2025

سيراڻي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو سينٽر نه هلڻ خلاف رهواسين جو احتجاج

09/13/2025

سيراڻي جي سامونڊي پٽي ۾ برسات سبب 8 يونين ڪائونسلن جا هزارين اڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو علائقي واسين جي ڪنهن به سار نه لڌي متاثر ماڻهون واهر جا منتظر

09/11/2025

سيراڻي ڀرسان يونين ڪائونسل پير فتح شاھ جي ڳوٺ صالح خاصخيلي جي سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ برسات دوران ڇت مان چاپڙ ڪري پيا معجزاڻي طور ٻار محفوظ رهيا.

05/28/2025

سيراڻي ڀرسان ڳوٺ مراد چاوڙو جي رهواسي 5 سالا سجاد علي پٽ ذوالفقار چاوڙو جو پٽ پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي معزور ٿي ويو آهي پراسرار بيماري سبب ٻارڙو هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٻارڙي جي والد ذوالفقار ٻڌايو تہ مونکي ڪجهه ڊاڪٽرن پوليو جو شڪ ڏيکاريو آهي جنهن ڪري سندس بيماري جي تفتيش ڪئي وڃي منهنجو پٽ پير ۽ ٽنگن۽ هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويو آهي 5 سال گذرڻ باوجود به اٿي هلي نٿو سگهي آئون غريب ماڻهون آهيان وڏين اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ جيتري سگھ نه آهي هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ آئون اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿو ڪريان تہ منهنجي پٽ جو علاج ڪرايو وڃي.

04/10/2025

بدين جي سامونڊي پٽي کي سيراب ڪندڙ واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي بدران واري اڏامڻ لڳي آهي علائقي ۾ کوھ ۽ هينڊپمپن جو جر وارو پاڻي کارو ٿي ويو آهي سامونڊي پٽي واسي پيئڻ جي پاڻي لاء تڙپڻ لڳا آهن پاڻي جي کوٽ سبب چوپائي مال جو چارو ختم ٿي ويو آهي پاڻي بدترين کوٽ سبب علائقي واسي لاشن کي غسل ڏيڻ لاء پريشان بڻيل آهن علائقي ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي علائقي واسي لڏپلاڻ ڪري اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور بڻيل آهن علائقي واسين جو چوڻ آهي تہ اسان وٽ ڀاڙي جا پئسا نه آهن جو اسان لڏپلاڻ ڪري بئراجي علائقن لڏپلاڻ ڪري وڃون.

03/17/2025

سيراڻي ۾ تڪراري ڪئنال خلاف احتجاجي ريلي پريس ڪلب سيراڻي اڳيان ڌرڻو.

Address

Badin, NC
7200

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when TIME News Seerani posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share