07/03/2025
پاڻي لئه پڪار ....
مُرادان ........
سامونڊي پٽي ۾ قائم هن جي قديم وستي ۾ پاڻي نه اچڻ کانپو هاڻ بک سان گڏ موت جو واڍوڙيل مرون به ڪاهي پيو آهي .
توڻي جو 5 سالن کان پاڻي نه اچڻ ڪري نه رڳو سندس ڳوٺ جي وچ مان سينڌ جيئن گذرندڙ واهه به هاڻ لٽجي پنهنجو وجود وڃائي چڪو آهي (جنهن کي اجڙيل آئندي جو ڪو آثار قديمه جو ماهر شايد اڳيان هلي دريافت ڪري ) پر گڏوگڏ سندس ڪل عمر جي ڪل موڙي ٻه ايڪڙ زمين به هاڻ وڌندڙ سامونڊي ويرون ڳڙڪائي ويون آهن ...
هن جو پورهيت ور به پر سال جر جو سنکئي وارو پاڻي واپرائڻ سبب ٻئي گڙدا فيل ٿيڻ ڪري مري ويو هو , جنهن کانپو هن جو ٻيو ڪوبه اوهي واهي نه رهيو هو .
هاڻ هن جو سڀ ڪجهه سندس ٽن ورهن جو معصوم پٽ مراد هو .....
پاڙي وارن پاران خدا ڪارڻ ڏنل چانورن کان سوا هن جي گهر ۾ ٻين ڪابه جمع پونجي نه هئي , هوء روز ٻنپهرن جو ۽ سومهاڻي ويل چلهه ۾ ڇيڻا ٻاري چانورن ۾ کوئر جو پاڻي وجهي ڪجهه لوڻ ملائي رُکو ڀت رڌي پنهنجي ٻچڙي کي کارائي مڙيئي زندگي جي ڏيئي جي پئي وٽ سوريندي هئي .
پر........ نيٺ هڪڙي ڏينهن هٿرادو پاڻي کوٽ ڪارڻ ڪاري ڏڪار کان پو کوئر به کارو ٿي ويو , جيئڻ جي جوازن کي منڌيئڙو اچي ويو .
هاڻ هن وٽ چانورن کي پسائڻ لئه پاڻي به نه هو , بک ۾ ڪوماڻجي سهڪندڙ ٻچڙي جي پيڙاءُ کي ڏسي هوءۡ ان ڪري به ڏاڍو روئندي هئي ..... ته جيئن اکين جي پاڻي سان چانورن کي پسائي مراد لئه ڀت رڌي سگهي ....
پر..... غم جي ڏڪار سندس اکين کان ڳوڙها به ڦري ورتا هئا... ۽ هن جا نيڻ به سندس ڳوٺ جي کوئرن جيئن خالي ٿي ويا هئا...
۽ ........پو ائين ٿيو جو سندس پٽ مراد بک ۽ اڃ جي صحراءُ ۾ سڏڪي مري ويو . پٽ جي وفات هن جي حيات جي راهن تي رڃ ئي رڃ پوکي ڇڏي هئي , ڏک جي جبل هيٺ دٻجي هوءُ روئي به نه سگهي هئي .
۽ ..... نيٺ هوءُ به درد جي طويل ڪوما جي رڻ ۾ خاموشي سان گمنامي ۾ ڪومائجي ويئي ..
تحرير: رضا آڪاش خاناڻي