08/28/2025
جادو بابت سائنس ڇا ٿي چوي؟
سائنس جي حوالي سان جادو (witchcraft) جو مطلب اهو آهي اهڙا عقيدا، عمل يا خيالات جيڪي فطرت ۽ حقيقت جي سائنسي اصولن جي بغير مڃيا وڃن يا عمل ڪيا وڃن. سادن لفظن ۾، جادو ۾ ماڻهو سوچي وٺن ٿا ته ڪنهن جادو يا طاقتون مستقبل بدلائي سگهن ٿيون، يا غير معمولي طريقن سان قدرتي واقعن تي اثر وجهي سگهن ٿيون، جڏهن ته سائنس ۾ اهڙيون شيون قبول نه ڪيون وڃن، ڇاڪاڻ ته اهي مشاهدن، تجربن ۽ دليلن تي مبني نه هونديون. مثال طور، جادوگر پاڻي کي شراب ۾ تبديل ڪرڻ يا موسمن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، جڏهن ته سائنس چوندي آهي ته اهڙو ڪجهه ثابت يا ممڪن نه آهي بغير فزڪس ۽ ڪيمسٽري جي اصولن جي. سائنس جادو جي جاءِ تي ثبوت ۽ تجربي تي ٻڌل فهم آڻي ٿي.
اهيو ڪهڙو جن آهي جيڪو صرف غريبن يا اٻوجهه ماڻهن جي جي پويان آهي؟
اسان جا ماڻهون جلدي ڌاڳي ڦيڻي ۾ اچيو وڃن، مطلب تہ جنهنکي ڪو دماغي مسئلو ٿو ٿيي اُنکي درگاهن ع تعويضن جي پويان عامل لڳايو ڇڏين بابا آئون هتي ڪنهنجي مذھب جي ڳالھه نٿو ڪريان. پر سائنس اسانکي چوي ٿي تہ اسانجي دماغ ۾ سائڪالاجيڪل مثلاً ٿيندا آهن ۽ انهن جو علاڄ ممڪن آهي....
هي سڄي لسٽ توهان پڙھو
1. Depression (ڊپريشن – گهري اداسي ۽ مايوسي)
2. Anxiety Disorders (پريشاني ۽ بيچيني جون بيماريون)
3. Bipolar Disorder (موڊ جا سخت اُٿل پُٿل – ڪڏهن تمام خوش، ڪڏهن تمام اداس)
4. Schizophrenia (شيزوفرينيا – حقيقت کان پري خيالات وهم هن بيماري ۾ ماڻهون کي ڏيکارا ايندا آهن جيڪي حقيقت ۾ ناهن هوندا)
5. Obsessive Compulsive Disorder – OCD (بار بار خيالن ۽ عملن جي بيماري)
6. Post-Traumatic Stress Disorder – PTSD (صدمو ڀوڳڻ کان پوءِ واري بيماري)
7. Personality Disorders (شخصيت جون بيماريون – جيئن Narcissistic, Borderline وغيره)
8. Eating Disorders(کاڌ خوراڪ جون بيماريون – جيئن Anorexia, Bulimia)
9. Attention Deficit Hyperactivity Disorder – ADHD (ڌيان نه رهڻ ۽ گهڻي سرگرمي)
10. Autism Spectrum Disorder (آٽزم – سماجي رابطن ۾ مشڪلاتون)
11. Phobias(بي سبب ڊپ – جيئن اوچائي، اوندهه، جانورن کان)
12. Dementia (دماغي ڪمزور ٿيڻ – خاص ڪري ياداشت وڃائڻ، جيئن Alzheimer’s)
13. Delusional Disorder (وهمن ۾ رهڻ – حقيقت کان پري خيال)
14. Sleep Disorders (ننڊ جون بيماريون – جهڙوڪ Insomnia، Sleep Apnea)
15. Substance Use Disorders (منشيات يا شراب جي لت)
ھيء سڀ بيماريون هونديون آهن توهان ان مريض سان وڏو ظلم ڪندا آهيو جيڪو ٿوري گهڻون ٺيڪ هو انکان بہ وڌيڪ چريو ڪيو ڇڏيوس
هنن مريضن جو علاج هوندو آھي. ٿورو تعويذ گهنڊي کان هٽي ڪري سوچيو مريض جي زندگي تي رحم ڪيو.......
هن جو تاريخ ۾ هڪڙو واقعو آهي تہ گهڻون اڳ جڏھن يونان جا ماڻهون بيمار ٿيندا هئا تہ چوندا هئا تہ هن تي ڪنهن غيبي طاقت جو اثر ٿِيو آھي بعد جڏھن علم وڌيو ته پوءِ انهي مسئلي جي سمجه آئي تہ بيماري جو تعلق ڪنهن جن سان نہ آھي پر جسم ۾ موجود نظام جو بگاڙ ٿيڻ جيڪري آهي جنھنجو علاج ممڪن آھي.
عامل يعني ڊهونگي بابا اسانجي اٻوجهه ماڻهن کي مذھبي ڳالهيون ٻڌائي ڪري يرگمال ڪندا آهن ڇاجيڪري جو انهن کي توهان جي نفسيات جي خبر آهي تہ ماڻهون مخصوص علم تي يقين رکندا آهن تہ پوءِ ڊهونگي بابا جيڪي نہ ڪڏھن سھي صفائي رکندا آهن اهي مذھب يا مخصوص علم جو سهارو وٺي تَوِهان کي اِستعمال ڪندا آهن نتيجي ۾ ماڻهون مجبور ٿي انهن تي انڌو يقين ڪندا آهن....
جيڪڏھن جادو واقعي اهڙو علم هجي هان تہ دنيان جو نظام نہ هلي سگهي هان سائنس جي جڳھ تي جادوگر ھجن ھان اسانجا ماڻهون نفسيات کان بلڪل اڻواقف آهن جنھنجي ڪري اسان وهمن ۽ شڪن جي دنيان ۾ رهون پيا....
اهڙن ماڻھن کي پوليس جو سپاهي جوتا ھڻين جيل ۾ وجهندو آھي بعد ۾ اُهي معافي پيا وٺندا آهن....
انهن ماڻهن کان هوشيار رهو هي اکين جي ڌوڪي کان سواءِ ڪجھ بہ ڪونھي......
پنهنجو ۽ پنهنجي پيارن جو خيالرکو.