03/14/2025
رپورٽرز ڊائري: قومي اسيمبليءَ ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي جو چئوٻول
ايم بي سومرو
خميس ڏينهن 36 منٽ دير سان قومي اسيمبليءَ جو اجلاس شروع ٿيندي ئي اپوزيشن جي ڪنهن مطالبي کانسواء اسپيڪر قومي اسيمبليءَ سردار اياز صادق بلوچستان ۾ ٿيندڙ ٽرين هاء جيڪنگ واري واقعي تي معمول جي ڪاروائي ملتوي ڪري بحث ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.
اجلاس ۾ سڀ کان پهريان تقرير لاء فلور بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف کي ڏنو ويو جنهن بلوچستان ۾ ٽرين هاء جيڪنگ جا تفصيل ٻڌائڻ کانسواء پي ٽي آء ۽ اپوزيشن ليڊر کي تنقيد جو نشانو بنايو.
خواجه آصف جي خطاب دوران پي ٽي آء ميمبرن گوڙ ڪيو ۽ ان دوران الزام مڙهيا ۽ تقرير ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندا رهيا جنهن تي اسپيڪر پاران اهي ريمارڪس ڏنا ويا ته اپوزيشن ليڊر جي تقرير دوران حڪومتي بينچن تان ڪنهن رڪاوٽ نه وڌي هئي.
ٺهراءُ
بلوچستان ۾ ٿيندڙ ٽرين هاء جيڪنگ جي واقعي خلاف مذمتي قرارداد پارلياماني مامرن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پيش ڪئي. هن چيو ته هي متفقه قرارداد آھي ان جي ڊرافٽ تي سمورين ارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن پاران صحيون ڪيون ويون آھن.
قومي اسيمبليءَ مان متفقه طور تي منظور ٿيل قراداد ۾ چيو ويو آھي ته جعفر ايڪسپريس کي هاء جيڪ ڪرڻ , شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ ۽ ملڪ جي امن امان کي تباه ڪندڙ دهشت گرديءَ جي سڀني ڪاروائين جي مذمت ڪيون ٿا.
بچاء واري وفاقي وزير جو چوڻ هيو ته بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملو افسوسناڪ آھي. جعفر ايڪسپريس واقعي تي اسان جي فوج وڏي نقصان کان بچايو، دهشت گردي خلاف جنگ تي اسان جي پوري قوم فخر ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته هٿين خالي مسافرن کي قوميت ۽ صوبائيت جي بنيادن تي ورهايو ويو.
خواجه آصف اپوزيشن ليڊر جو نالو وٺڻ کانسواء ان تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪالھ اسان کي اهڙن ماڻهن فارم 47 جو طعنو ڏنو جيڪي مارشلا جي پيداوار آھن ۽ انهن جي وڏن آئين اورنگهيو. ان کان پوءِ، هن پنهنجا لفظ ورجايا ته ’’ڪوئي شرم هوندو آھي، ڪو حياءُ ٿيندو آھي’’.
پي ٽي آء ميمبرن جي گوڙ، جملي بازيءَ جي باوجود پنهنجي تقرير جاري رکندي بچاء واري وفاقي وزير چيو ته هنن جي حڪومت ۾ جنرل باجوا ۽ جنرل فيض بريفنگ ڏئي رهيا هئا ته دهشت گردن کي ملڪ ۾ آباد ڪرڻ ملڪ جي بهتري لاء آھي.
اهن چيو ته مخالف ڌر پاڪستان جي بقا جي جنگ وڙهي عمران خان جي بقا جي جنگ نه وڙهي.
بلاول ڀٽي زرداريءَ بلوچستان واقعي تي تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ دهشت گردي ڪو نئون مسئلو ناهي جڏهن مان ننڍو ٻار هيس تڏهن مونکي وزير اعظم جي گهر مان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان واقعي کان پوءِ مونکي محترمه بينظير ڀٽو ملڪ کان ٻاهر موڪليو. مذهبي، لساني دهشت گردن محترمه بينظير تي به حملن جون ڪوششون ڪيون. آخرڪار اها دهشت گرديءَ جو شڪار ٿي جان جي بازي هاري ويٺي.
پنهنجي ڳالھ جاري رکندي بلاول ڀٽي چيو ته پاڪستان جي شهرين حصو وجهي پاڪستان کي دهشت گردي کان پاڪ ڪري ڇڏيو هيو پر افسوس ته دهشت گردي خلاف سڀئي ڪاميابيون وڃائي ويٺا آھيون ۽ هن وقت ماضيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ دور مان گذري رهيا آھيون.
پي ٽي آء اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته خواجه آصف کي بلوچستان واقعي جا تفصيل پيش ڪرڻ گهرجن ها پر هن پي ٽي آء تي الزام لڳائي ڇڏيا. هن جص تقرير ڪڍي ڏسو ته هن ڪيترا ڀيرا بلوچستان جو تقرير ۾ نالو ورتو آھي. هنن جي ذهن تي پي ٽي آء ۽ سوشل ميڊيا سوار آھي.
اسد قيصر چيو ته بلوچستان اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي ۾ عوام جي نه فارم 47 جي نمائيندگي آھي.
قومي اسيمبلي ۾ جنهن وقت ايم ڪيو ايم جو ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار تقرير ڪري رهيو هيو ته ان وقت پي ٽي آء مان نڪتل قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت پنهنجي سيٽ تي بيهي چيو ته هي هر هر ڳالهيون ورجائي رهيو آھي.
شير افضل مروت جي احتجاج ڪري ڊاڪٽر فاروق ستار کي تقرير مختصر ڪرڻي پئجي جنهن کان پوءِ فلور شير افضل مروت کي ڏنو ويو. شير افضل مروت بلوچستان مسئلي تي جيڪا تقرير ڪئي ان حوالي سان هڪ سينئر صحافي جو خيال هو ته آڄوڪي اجلاس ۾ سڀ کان سٺي تقرير شير افضل مروت ۽ محمود خان اچڪزئي ڪئي آھي.
شير افضل مروت جو چوڻ هيو ته فاروق ستار چونڊن ۾ پنهنجي تڪ مان هارائي ويو هيو باقي ان تقرير ٺيڪ ڪئي آھي. پنهنجي تقرير جاري رکندي هن چيو ته علي وزير ڪيترن ئي مهينن کان جيل ۾ آھي. ماه رنگ بلوچ مٿان اسلام آباد ۾ پاڻي اڇلايو ويو. منظور پشتين, علي وزير پاڪستان مخالف ته نه آھن انهن کي جيل ۾ رکڻ سان, دٻائڻ سان حالتون ٺيڪ ٿين ها ته آج تائين ٺيڪ ٿي ويون هجن ها.
جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت ڪندي هن چيو ته فوج کي بلڪل خراج تحسين پيش ڪيو پر اسان ڇا هر وقت مذمت ئي ڪندا رهندا سين، ڇا اهو نٿا چئي سگهون ته سڪيورٽي فورسز کي هوشيار رهڻ گهرجي؟
هن چيو ته ايجنسين کي سياست دانن جي پويان لڳايو ويو آھي. اسان جي دور ۾ اهي اوهان جي پويان هنيون. اڄ اسان جي پويان لڳل آھن.
پنهنجي تقرير ۾ محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان ٻين جي جنگ ۾ ٽپو ڏئي مسجدن، امام بارگاهن کي خون سان رنگيندا رهيا آهيون. هن چيو ته جيستائين پارليامينٽ کي طاقت جو سرچشمو نه بڻايو ويندو، تيسيتائين هر ادارو آئيني حدن ۾ نه رهندو ۽ ڪو مسئلو حل نه ٿيندو.
هن چيو ته بلوچ, سنڌي ۽ پختون مرضيءَ سان پاڪستان ۾ شامل ٿيا هئا. صوبن جي وسيلن تي انهن صوبن جي حق کي تسيلم ڪرڻو پوندو. بلوچن کي آئيني، عالمي گارنٽي ڏني وڃي ته صوبي جي وسيلن تي انهن جو حق آھي ته دهشت گردي پاڻهن ئي ختم ٿي ويندي.