
17/03/2023
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان 50 رپين جو سڪو جاري ڪري ڇڏيو
سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان 50 رپين جا يادگاري سڪا جاري ڪري ڇڏيا.
شهري 17 مارچ کان اسٽيٽ بئنڪ جي سروسز ڪارپوريشن جي فيلڊ آفيسن مان اهي سڪا حاصل ڪري سگهن ٿا.
سينيٽ پاڪستان جي عمر 50 سال ٿي ته اسٽيٽ بئنڪ عوام جي نمائنده اداري جي اهميت اجاڳر ڪرڻ لاءِ اڄ کان اهو سڪو جاري ڪيو ويو آهي.